ظفر علي شر

ظفر علي شر (شخصيت): نامور تعليمي ماهر ظفر علي شر 20 ڊسمبر 1941ع تي ٺري ميرواهه جي ڳوٺ مبارڪ شر ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو رمز علي هو. ظفر علي ابتدائي تعليم ڳوٺ رسول پور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1961ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه مان پاس ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي محنتي ۽ هوشيار هوندو هو. پاڻ 7 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڳوٺ کان اسڪول پڙهڻ لاءِ ويندو هو، مئٽرڪ پاس ڪري ساڳئي سال جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو. ظفر پڙهائي جي معاملي ۾ انتهائي سخت هوندو هو. جيڪو شاگرد اسڪول نه ايندو هو ته ان جي گهر وڃي سبب معلوم ڪندو هو, غريب شاگردن کي ڪتاب پنهنجي پگهار جي پئسن مان وٺي ڏيندو هو, هن 14 سال جونيئر اسڪول ٽيچر رهڻ کانپوءِ 1975ع ۾ ٽرينڊ گريجوئيٽ ٽيچر فيڊرل گورنمينٽ اسلام آباد ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کانپوءِ 1976ع ۾ ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو، بعد ۾ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر ۾ ليڪچرار رهيو، ساڳئي سال 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري مختيارڪار ٿيو ۽ 1979ع تائين خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ ذميواريون انجام ڏنائين. 1981ع تائين ٺٽي ضلعي ۾ مختيارڪار رهيو، هن پنهنجي نوڪري جون ذميواريون نهايت ئي بردباري ۽ محنتي سان انجام ڏنيون، سندس شمار ان وقت جي سٺن آفيسرن ۾ ٿيندو هو، 1989ع تائين هن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. سال 1989ع ۾ ان وقت جي حڪومت لاڙڪاڻي کي ڊويزن جو درجو ڏيئي ڪمشنر آفيس مقرر ڪئي ته کي اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن خوش اسلوبي سان ذميواريون نڀايون. ان بعد 1990ع ۾ سب ڊويزنل ميجسٽريٽ (ايس. ڊي. ايم) تعلقو وارهه ضلعو لاڙڪاڻو پڻ رهيو، انهي دوران گورنمينٽ نوشهري فيروز کي ضلعي جو درجو ڏنو، جتي نئين سب ڊويزن ڪنڊيارو ٺاهي وئي ته هن جي پوسٽنگ ايس ڊي ايم طور ڪنڊياري ۾ ڪئي وئي. هن پنهنجي نوڪري وارو سمورو عرصو اصولن تحت گذاريو، ڪنهن به سياسي دٻاءَ ۽ سفارش کي نه مڃيندو هو، انتظامي فيصلا ميرٽ تي ڪندو هو، جنهن ڪري ڪن بااثر ماڻهن کي نه وڻندو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ڪنهن هڪ جاءِ تي گهڻو عرصو رهڻ نه ڏنو ويو. سندس مختلف وقتن تي بدليون پڻ ڪيون ويون، پر هن ڪٿي به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. ظفر 1992ع کان 1993ع تائين ٻيهر اي. سي. ايم ڪراچي رهيو. ساڳئي سال ايس. ڊي. ايم جيڪب آباد پڻ رهيو، جنهن کانپوءِ 1993ع کان 1994ع تائين ايس. ڊي. ايم سب ڊويزن سجاول، ضلعو ٺٽو رهيو. ڪجهه عرصي لاءِ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هالا، ضلعو حيدرآباد رهيو، جنهن کانپوءِ 1996ع ۾ کيس ترقي ڏيئي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيٽلمينٽ خيرپور رکيو ويو. بعد ۾ 1997ع ۾ کيس سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن بورڊ آف روينيو سنڌ، حيدرآباد جون ذميواريون سونپيون ويون، سال 1998ع ۾ ايڊيشنل ڪمشنر 2 سکر مقررر ٿيو، جنهن تان 2001ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين، ظفر علي شر نوڪري سان گڏوگڏ پنهنجي پڙهائي به جاري رکي، هن ايم.اي انگلش سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي ۽ ايل. ايل. بي پڻ ڪيائين. اهڙي طرح هن رٽائرمينٽ کانپوءِ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو، پهريان لوئر ڪوٽ ۽ ان کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل ٿيو، هو ايترو ته ايماندار آفيسر هو جو پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي عهدن تي رهڻ باوجود پنهنجي مال ملڪيت ۾ پنهنجو ذاتي گهر به نه ٺاهي سگهيو، پاڻ ڪتابن جو تمام گهڻو شوقين هوندو هو، سندس مطالعو تمام گهڻو هوندو هو، پنهنجي گهر ۾ تاريخ قانون ۽ مذهب جي ڪتابن جي لائبريري قائم ڪئي هئائين. رٽائرمينٽ کانپوءِ علائقي جي غريب طبقي ۽ برادري جي تاريخ تي ڪتاب لکيائين. اهڙي طرح هن سڄي زندگي پنهنجي قوم جي خدمت ۾ وقف ڪئي، 2 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪئي.


لفظ ظفر علي شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.12.20  عيسوي

ظفر علي شر 20 ڊسمبر 1941ع تي ٺري ميرواهه جي ڳوٺ مبارڪ شر ۾ جنم ورتو.


2005.12.02  عيسوي

ظفر علي شر 2 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عذرا سرور ڪنڌر
انيلا ابڙو
روميلا ٿاپر
ايم اي قاضي ڊاڪٽر
سيد گل محمد شاهه لڪياري
دولهه دريا خان 1
پيرل شاهه بخاري
خدا ڏنو شاهه
سڪندر سومرو
باغ علي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون